ابراهيم فقير مست جيسلميري

ابراهيم فقير مست جيسلميري

ابراهيم فقير مست جيسلميري

ابراهيم فقير مست جيسلميري: مشھور بزرگ ۽ حر جماعت جي جيسلميري چونڪيءَ جي مُک ابراهيم فقير مست 65-1860ع جي وچ ڌاري روهليءَ، ضلعي جيسلمير (راجستان) ۾ فقير محمد صالح عرف سومري فقير مڱرئي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ٽئين پير پاڳاري، پير حزب الله شاهه ’تخت ڌڻي‘ (وفات 1890ع) جي هٿ تي بيعت ڪري مريد ٿيو. مريد ٿيڻ بعد دنيا داري ترڪ ڪري، مرشد جي حڪم تي وڏي عمر ۾ روهليءَ مان شادي ڪئي. ڪجهه عرصي بعد سھريجن جي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿيو. ان وقت ’روهلي‘ راجپوت راٺوڙن جي جاگير هئي. انهن جو درٻاري نظام جوڌپور جي راجائن سان هو. روايت آهي ته ’روهليءَ‘ جي مُک ٺاڪر خومسنگهه ساڻس پھرين ته جاگير جي حدن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ تي اعتراض واريو پر پوءِ سندس ڪرامتون ڏسي کيس ’روهليءَ‘ جو تلاءُ ۽ زمين تحفي ۾ ڏني. روايت آهي ته مرشد کيس شادي ڪرڻ جي حڪم سان گڏ بشارت ڏني ته تنھنجي پٺيءَ مان قطب پيدا ٿيندو. جنھن کان پوءِ کيس چئن پٽن جو اولاد ٿيو. جن مان ابراهيم فقير ڀائرن ۾ ننڍو ۽ چوٿون نمبر هو. ننڍپڻ کان مست مزاج ۽ ڏٻرو هوندو هو، جنھن ڪري کيس ’ڪنگلو‘ ۽ ’ڪَنگ‘ سڏيندا هئا. پنجين پاڳاري، پير شاهه مردان شاهه ’اول‘ (ڪوٽ ڌڻي)، جيسلميري چونڪيءَ جي مُک منٺار فقير درس جي پيرسني ۽ ناچاڪيءَ سبب، کيس پڳ ٻڌرائي، چونڪيءَ جو مُک مقرر ڪيو. جنھن بعد هن طريقت ۾ مولوي عبدالقادر سولنگي کي استاد ورتو. جنھن جي نياڻي سان مرشد جي حڪم تي ٻي شادي به ڪئي. هن جماعتي پرچار لاءِ هند، سنڌ ۽ اتر پنجاب جا سفر ڪيا ۽ درگاهه جو انتظام مضبوط ڪيو. پير شاهه مردان شاهه ’اول‘ جي وفات بعد انگريزن ذاتي مفادن لاءِ، پير پاڳاري ’ڪوٽ ڌڻي‘ جي وصيت خلاف سندس پوٽي جيئل شاهه کي پڳ ٻڌرائڻ جو انتظام ڪيو. ابراهيم فقير مرشد جي وفات جي اطلاع تي جيسلمير کان درگاهه، پير ڳوٺ پھتو. سندس پھچڻ وقت درگاهه ۽ حويلي سرڪار جي گهيري ۾ هئي. تنھنڪري هن نوڪر معرفت پير صبغت الله شاهه ’ثاني‘ (سورهيه بادشاهه) کي حويليءَ کان ٻاهر گهرائي، مسجد جي منبر تي ويھاري پنھنجي هٿن سان، پير شاهه مردان شاهه ’اول‘ جي وصيت موجب پڳ ٻڌرائي، ڇھين پاڳاري جو اعلان ڪيو، جنھن کي سڄي جماعت قبول ڪيو. هن 27-1926ع ڌاري درگاهه کان ’روهلي‘ سفر ڪندي، ڳوٺ جهاڙيلي، تعلقي سَم، ضلعي جيسلمير ۾ وفات ڪئي. کيس ’روهليءَ‘ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس مزار تي روضو اڏيل آهي. هندستان جي اڳوڻي وفاقي وزير جسونت سنگهه مزار جي چوڌاري ڪوٽ پڻ ڏياريو آهي.سندس زندگي بابت ھڪ ڪتاب ’روھليءَ جو راڻو : ابرھيم فقير مست جيسلميري ‘ 2021ع ۾سنڌ ۾ ڇپجي چڪو آھي


هن صفحي کي شيئر ڪريو